اسلام آباد : چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏيڻ تي سياسي پارٽين سخت رد عمل ڏنو ان جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو ويو نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته پاليسي معاملن ۾ عمومي طور تي مداخلت ناهيون ڪندا پر ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ اهڙا ڪيس به ٻڌڻا پوندا آهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مارچ کان ٿيندڙ سياسي تقريبن سبب سياسي ڪيس نئين عدالتن ۾ آيا آهن چيف جسٽس چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ تي ججز جي صلاح مشوري سان پاڻمرادو نوٽيس ورتو ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف 5 ڏينهن ٻڌڻي ڪري رولنگ کي غيرآئيني قرار ڏنو. پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو فيصلو به 3 ڏينهن ۾ ٻڌايو. عمر عطا بنديال چيو ته دوست مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏيڻ تي سياسي پارٽين سخت رد عمل ڏنو، سياسي پارٽين جي سخت رد عمل باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو ويو چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪئي جيڪا قانون موجب نه هئي ڪيس جي فيصلي جو رد عمل ججز مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سامهون آيو چيف جسٽس چيو ته ان ڳالهه جو احساس آهي ته ملڪ سنگين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي پاڪستان کي هن وقت بدترين ٻوڏ کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ججز 3 ۽ عدالتي ملازمن 2 ڏينهن جون پگهارون عطيو ڪيون
