راولپنڊي : عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته يو اين اي کي خطاب جو هڪ بهانو آهي، اصل ۾ شهباز شريف کي نوازشريف کي پرچائڻو آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪڏهن 2 مهينن دوران ٻوڏ جو پاڻي نه ڪڍيو ويو ته ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوکائي نه ٿي سگهندي، پوءِ هاري ڇا ڪندو، ملڪ ۾ غذائي بحران پيدا ٿيندو شيخ رشيد چيو ته ڪڻڪ جي قيمت 2 هزار کان 4 هزار مڻ مقرر ڪرڻ غريب کي گاهه کائڻ تي مجبور ڪرڻ جي برابر آهي سياري کان اڳ ئي گيس جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي مفتاح جي روئڻ سان معيشت بهتر نه ٿيندي اڳوڻي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي به چندي جي ايمانداري جو يقين ڏياريو پيو وڃي نه ڪا پرڏيهي امدادي ملي نه ئي وري ملڪي امداد جي ساک آهي ٻئي طرف عمران خان ٽيلي تهون ڏيکارڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي
