74

منهنجي مٿان دهشتگردي جو ڪيس قانون ۽ ملڪ سان مذاق آهي، نواز شريف ۽ الطاف سان مونکي نه ڀييٽو: عمران خان

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي هڪ بيان جي بنياد تي ٺهندڙ دهشتگردي جو ڪيس قانون ۽ ملڪ سان مذاق آهي جيل ۾ رکي تشدد جي سموري دنيا ۾ مذمت ڪئي ويندي آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيل ۾ رکي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسر کي تشدد جو نشانو بنايو ويو جنهن کان پوءِ عدالت به ان جو رمانڊ ڏئي انهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي جنهن هنن مٿان تشدد ڪيو هو ڇا دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي عمران خان شهباز گل جو ذڪر ڪندي چيو ته پوليس عدالت ۾ ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته ان تي تشدد ٿيو آهي جڏهن ذميوارن خلاف ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ڇا اها دهشتگردي آهي جيڪڏهن اها دهشتگردي آهي ته اوهان کي ڪنهن کي به دهشتگرد قرار ڏئي سگهو ٿا هن چيو ته پاڪستان کي ان عمل سان مذاق بنايو ويو آهي سموري انٽرنيشنل ميڊيا ڇاپيو آهي ته عمران خان تي ڪهڙي طرح دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ويو قانوني ڪارروائي جو چوڻ تي هنن منهنجي مٿان دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ان ڪيس ۾ اسان جي ملڪ جي توهين ڪئي وئي آهي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته خبرون اچي رهيون آهن ته اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار سان اوهان جي ملاقات ٿي آهي جنهن تي عمران خان چيو ته خبر ناهي ته ٻيون به ڪهڙيون ڪهڙيون خبرون آهن. عمران خان آمريڪي سفارتڪار سان ملاقات جي تصديق يا ترديد نه ڪئي نوازشريف ۽ الطاف حسين کان پوءِ عمران خان مائنس بابت سوال تي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته نوازشريف چور ۽ الطاف حسين دهشتگرد سان منهنجي ڀيٽ نه ڪريو صحافي طرفان سوال پڇيو ويو ته خان صاحب اڄ اوهان ڪيترا خطرناڪ هوندو جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم صرف گهڻو گهڻو چيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو