78

مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ جي مدي ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پارليامينٽ جو مدو وڌائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺنداسين ايڪسٽينشن ڏيندڙ پارليامينٽ کي ايڪسٽينشن ڇو نٿو ملي سگهي صحافين سان ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان وقت کان اڳ چونڊن جي سختي سان مداخلت ۽ عمران خان جي چونڊن جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته ملڪ هن وقت ٻوڏ جي بدترين تباهين جو شڪار آهي ٻوڏ سبب اهڙيون تباهيون ڪڏهن به ناهن ڏٺيون اهڙين حالتن ۾ چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون مولانا فضل الرحمان چيو ته هلندڙ صورتحال ۾ پارليامينٽ جو مدو وڌائڻ جي آپشن تي به غور ٿي سگهي ٿو پارليامينٽ جو مدو وڌائڻ جي آئيني ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺنداسين ايڪسٽينشن ڏيندڙ پارليامينٽ کي ايڪسٽينشن ڇو نٿو ملي سگهي پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته عمران خان جو ڪوبه مستقبل ناهي، هو سياست کان پري ٿيندو پيو وڃي، هن جون پنهنجون چيل ئي ڳالهيون ان لاءِ افي آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو