ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي گلشن حديد ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ به تيز هوائن سان برسات پئجي رهي آهي جڏهن ته لانڍي، قائدآباد، ملير ۽ گلشن اقبال ۾ به تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي ان کان علاوه شاهراهه فيصل ايئرپورٽ ملير بالٽ نارٿ ناظم آباد نيو ڪراچي صدر آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي
لياقت آباد ڪورنگي ۽ قيوم آباد ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي ياد رهي ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو
74