ٽورنٽو : هالي ووڊ جي پروڊيوسر جمائمه گولڊ اسمٿ چيو آهي ته مان سالن کان پاڪستان ۾ رهي آهيان ۽ اڌ پاڪستاني آهيان گذريل ڏينهن ٽورنٽو ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول منعقد ٿي جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پهرين گهر واري ۽ مشهور پروڊيوسر جمائمه گولڊ اسمٿ جي فلم وائس لوگوٽ ٽوڊوداٽ جو پريميئر به ڪيو ويو نان موقعي تي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي جمائمه ٻڌايو ته منهنجي فلم ۾ پاڪستان جي ثقافت، رسم رواج ۽ مغربي ڪلچر ڏيکاريو ويو آهي جيڪو تمام گهڻو دلچسپ آهي جمائمه چيو ته مان 10 سال پاڪستان ۾ رهي آهيان مان ۽ منهنجا ٻار اڌ پاڪستاني آهن هن چيو ته منهنجي فلم جي ڪهاڻي پاڪستاني ماڻهن ۽ اتان جي ڪلچر کان متاثر آهي جن سان مان ملي هئس ياد رهي ته جمائما گولڊ اسمٿ جي فلم ذريعي پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره سجل علي هالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي جڏهن ته سجل به ان فلم جو حصو بنجڻ تي تمام گهڻو خوش آهي
91