اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي وزيراعظم شهباز شريف دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ اڱاري 13 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيو اجلاس ۾ 6 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا غور هيٺ آيو اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻوڏ جي صورتحال امدادي سرگرمين جو به جائزو ورتو اجلاس ۾ وزيراعظم کي 10 دوائن جي قيمن ۾ واڌ جي سمري پيش ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان دوائن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي وزيراعظم چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي موجوده حالتن ۾ دوائون مهانگيون ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ذريعن موجب صحت واري وزارت طرفان ڪيترين ئي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري منظوري لاءِ پيش ڪئي وئي هئي ڊريپ 40 کان وڌيڪ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري صحت واري وزارت ڏانهن اماڻي هئي
