ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڱاري تي ٿيندڙ برسات دوران روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو. ٻن ڏينهن دوران ڪيترائي ملي ميٽر پوندڙ برسات شهر جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي موسميات کاتي طرفان اڱاري تي به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ٻنپهرن جو نيو ڪراچي گلشن معمار ناظم آباد سعدي ٽائون نارٿ ڪراچي ۾ برسات رپورٽ ڪئي وئي سپر هاءِ وي بفرزون نيشنل اسٽيڊيم جي چوڌاري برسات موسم خوشگوار بنائي ڇڏيو لياقت آباد فيڊرل بي ايريا ناظم آباد گلزار هجري بهادر آباد طارق روڊ شاهراهه فيصل ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ 46 ملي ميٽر برسات صدر ۾ پئي ايئرپورت تي 2′ 34′ ملي ميٽر يونيورسٽي روڊ تي 29.7 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي موسميات کاتي موجب حيدرآباد ٺٽو مٽياري ڄامشورو بدين ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي هوڏانهن برسات پوڻ کان مختلف شهرن ۾ بجلي غائب ٿي وئي آهي جنهن سبب شهري ۽ ڪاروباري طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي
