لنڊن : مرحومه راڻي ايلزبيٿ جو تابوت بڪنگهم پيلس پهچي ويو جنهن کي اڄ ويست منسٽر آندو ويندو راڻي جي تابوت کي خصوصي جهاز ۾ ايڊنبرا کان لنڊن آندو ويو جنهن کان پوءِ بڪنگهم پيلس پهچايو ويو بڪنگهم پيلس پهچڻ تي راڻي جي ٻارن پوٽن ۽ پوٽين تابوت جو استقبال ڪيو بڪنگهم پيلس جي چوڌاري هزارين ماڻهن راڻي جو تابوت ڏسڻ جي لاءِ جمع ٿيا شهرين تابوت مٿان گل نڇاور ڪري راڻي سان عقيدت جو اطهار ڪيو راڻي جي تابوت واري گاڏي جتان به گذري ان جي چوڌاري هلندڙ ٽريفڪ ڪجي وئي ايڊنبرا ايئرپورٽ تي تابوت کي رائل رجمنٽ آف اسڪاٽ لينڊ پاران گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو راڻي ايلزبيٿ جي تابوت کي اڄ بڪنگهم پيلس کان ويسٽ منسٽر هال آندو ويندو پرڏيهي ميڊيا موجب راڻي جي تابوت جو ديدار شام پنجين وڳي کان ڪري سگهبو ديدار لاءِ ماڻهن هينئر کان ئي ڊگهيون قطارون لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. تابوت کي 4 ڏينهن تائين اتي رکيو ويندو. راڻي ايلزبيٿ جون آخري رسمون 19 سيپٽمبر تي ڏينهن جو 11 وڳي ادا ڪيون وينديون جنهن دوران شرڪت ڪندڙ ونڊزر ڪاسل تائين هڪ جلوس جي شڪل ۾ پنڌ ويندا راڻي کي ونڊزر ڪاسل تائين هڪ جلوس جي شڪل ۾ پنڌ آندو ويندو مرحومه راڻي کي ونڊزر ۾ بادشاهه جارج ميموريل چيپل ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو
