82

ملڪ ۾ ڊينگي جا وار جاري: ڪراچي ۾ 161، اسلام آباد ۾ 128 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي جا ڪيس اچڻ جو سلسلو جاري آهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 161 ۽ اسلام آباد ۾ 128 نوان ڪيس رپورت ٿيا آهن صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 161 نوان ڪيس رپورت ٿيا آهن ضلع وسطي ۾ 49 ڪيس ضلع شرقي ۾ 36 ضلعي ڪورنگي ۾ 32 ضلع جنوبي ۾ 25 ۽ غربي ۾ 4 ڪيس سامهون آيا آهن صحت کاتي موجب سيپٽمبر جي مهيني ۾ هڪ هزار 66 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن گڏيل طور تي ڪراچي مان هلندڙ سال هينئر تائين 3 هزار 434 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن هلندڙ سال ڊينگي سبب 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 128 ڪيس سامهون آيا آهن صحت کاتي موجب اسلام آباد جي ڏورانهين علائقن ۾ 75 ماڻهو ڊينگي ۾ مبتلا ٿيا آهن اسلام آباد جي شهري علائقن ۾ 53 ڄڻن جو ڊينگي ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي اسلام آباد جي ڏوراهين علائقن ۾ ڊينگي مريضن جو انگ 553 ٿي ويو آهي اسلام آباد جي شهري علائقن ۾ ڊينگي مريضن جو انگ 318 ٿي ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ هينئر تائين ڊينگي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو