91

وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ روانو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو آهي وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر علائقي صحبت پور ۾ نقصانن جو جائزو وٺندو وزيراعظم کي متاثرين جي امداد ۽ انفرااسٽرڪچر جي بحالي تي به بريفنگ ڏني ويندي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جو حال وٺڻ لاءِ انهن سان ملاقات پڻ ڪندو وزيراعظم دوري دوران ٻوڏ متاثرن جي لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو به ڪندو ۽ کين ملندڙ رليف ۽ امدادي سامان بابت به ڄاڻ حاصل ڪندو ياد رهي ته ان کان اڳ به وزيراعظم بلوچستان جي مختلف شهرن جا دورا ڪري چڪو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو