اسلام آباد : نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي خبردار ڪيو آهي ته 17 کان 18 سيپٽمبر دوران ڀارت ستلج ۽ چناب ۾ پاڻي ڇڏي سگهي ٿو
اين ڊي ايم اي ٻوڏ بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي. اين ڊي ايم اي موجب 17 کان 18 سيپٽمبر دوران ڀارت ستلج ۽ چناب کي متاثر ڪري سگهي ٿو اين ڊي ايم جي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ستلج راوي چناب ۽ ندي نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي سگهي ٿو اين ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته خطري وارن علائقن کي اڳواٽ خبردار ڪيو وڃي سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي کاتن کي احتياط ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي
