90

امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: عمران خان

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آ هي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيت ٽوئٽر تي لکيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت بنا ڪنهن هدايتن جي هلي رهي آهي هنن صرف هڪ ٻئي اين ار او جي لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪيا تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيوته قوم سوال ڪري رهي آهي ته پاڪستان خلاف سازش ڪير ڪري رهيو آهي عمران خان چيو ته اسان جي دور ۾ معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي ۽ اسان جي دور ۾ زراعت تعليم معيشت جي ترقي ٿي ۽ روزگار جا موقعا به وڌي ويا هئا هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي سبب هر ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ ڊالر روپئي جي مقابلي ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جون رپورٽون ظاهر ڪري رهيون آهن ته امپورٽڊ حڪومت هڪ مستحڪم معيشت ورثي ۾ ملڻ باوجود معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي هن چيو ته اقتصادي سروي ۾ اسان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏنو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو