سوئيڊن: سوئيڊن جي وزيراعظم ميگڊالينا اينڊرس چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي شڪست کي مڃيندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
وزيراعظم عام چونڊن ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد جي ڪاميابي کان پوءِ شڪست مڃي ورتي ووٽن جي ڳڻپ موجب حڪمران پارٽي 173 ۽ مخالف پارٽين جي اتحاد 176 ووٽ حاصل ڪيا سوئيڊن جي قانون موجب چونڊن جي حتمي نتيجن جو اعلان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ کان پوءِ ڪيو ويندو سوئيڊن جي وزيراعظم ايندڙ حڪومت جي اقندار سنڀالڻ تائين عبوري حڪومت جي قيادت ڪندي پر هو پنهنجي پارٽي سوشل ڊيموڪريٽس جي قيادت ڪندي رهندي
