84

مخالفن جون غلطيون صحيح ڪندڙ پاڻ ليٽر ۽ ڪلو جو فرق وساري ويٺو شيري رحمان

اسلام آباد : وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته مخالفن جون نقلون ڪندڙ ۽ اردو صحيح ڪندڙ پاڻ ليٽر ۽ ڪلو جو فرق وساري ويٺو
وفاقي وزير شيري رحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٻين جون غلطيون تڏهن نڪرنديون جڏهن اوهان پاڻ غلطيون نه ڪندا هجو، جيڪڏهن اها غلطي ڪنهن ٻئي کان ٿئي ها ته تحريڪ انصاف ان خلاف مهم شروع ڪري چڪي هجي ها هن چيو ته عمران خان ڀلي غلطيون ڪري اسان هن جون غلطيون صحيح نه ڪنداسين شيري رحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر انسان جي زبان ترڪي سگهي ٿي ۽ غلطي هر ماڻهو ڪري سگهي ٿو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو