ٺڪراٺو : برسات کانپوء علائقي ۾ موذي مرضن منهن ڪڍيو مليريا گيسٽرو ڊائريا ۽ ٻين موذي مرضن ۾ ڪيترا ئي ماڻھون وٺجي ويا ٺڪراٺو ڀرسان گيسٽرو وگھي ٻہ ٻارڙا فوت صحت کاتي سکر پاران ڪي به اپاء نه ورتا ويا ڪيترا ئي ماڻھون بسترن ڀيڙا آهن جيڪڏهن صحت کاتي پاران ڪي تڪڙا اپاء نه ورتا ويا ته وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي ٺڪراٺو رپورٽ تازو برساتن سبب ٺڪراٺو مبارڪپور روپهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گيسٽرو مليريا ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو روزانو ڪيترا ئي ماڻھون بيمارين سبب اسپتالن حوالي آهن ڪالھ ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ نئون آباد ۾ پورھيت ڀڳوانداس ڀيل جا ٻہ ٻارڙا ھڪ ورھين جي ڌيءُ چاندني ۽ ٽن ورھين جو پٽ ساگر ڪمار گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا آهن برسات کانپوء ٺڪراٺو مبارڪپور جي بنيادي صحت مرڪزن ۾ صحت جون سهولتن پاران ڪي به اپاء ناهن ورتا ويا توڙي صحت کاتي سکر پاران به ڪا ميڊيڪل ڪيمپ يا وبائي بيمارين جي ٽيسٽن ٿيڻ جي به سهولت ميسر نه هجڻ ڪري هتان جي عوام تمام ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن سرڪاري سطح تي علاج لاء ڪا به سهولت نه هجڻ ڪري هتان جي عوام گهڻو ڪري عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهيل آهي جتان ماڻھون پنهنجي پيارن جون زندگيون بچائڻ لاء علاج ڪرائي رهيا آهن پورھيت ڀڳوانداس جي چوڻ آھي تہ منھنجا 6 ٻارڙا گيسٽرو ۽ مليريا بخار ۾ ورتل آھن غربت سبب تڪڙو علاج نه ڪرائڻ ڪري ٻہ ٻارڙا گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا آھن جڏھن تہ 4 ٻارڙا اڃا گيسٽرو ۾ ورتل آھن صحت کاتي جو ڪو بہ عملدار لڙي ناھي آيو ، پورھيت ڀڳوانداس ڊي ايڇ او سکر ۽ صحت کاتي جي مقامي عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ سندس جي گھر ڏانھن سرڪاري ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي گيسٽرو ۾ ورتل معصوم ٻارڙن جو علاج ڪرائي کين زندگيون بچايون وڃن
