81

پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن متاثرين جي بحالي لاءِ امداد جي ضرورت آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف : چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستان کي امداد جي ضرورت آهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايس سي او ملڪن کي ملي ڪوششون ڪرڻيون پونديون افغانستان ۾ امن هوندو ته خطو خوشحال هوندو افغانستان کي جيڪڏهن نظر انداز ڪيو ويو ته اها وڏي غلطي هوندي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ايتري تباهي ناهي آئي جيتري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ آئي آهي موسمياتي تبديلي وارن اثرن جي قيمت پاڪستان ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي ڇا هي آفت ۽ تباهي پاڪستان جي لاءِ آخري هوندي يا ٻين ملڪن کي به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو وزيراعطم چيو ته ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي هر جڳهه تي موجود آهي جنهن سبب مليريا ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن ٻوڏ سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن هزارين زخمي ڪيترائي گم آهن چوپايو مال فصل گهر ڳوٺ ۽ شهر سخت متاثر ٿيا آهن ٻوڏ متاثرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي دنيا کي اسان جي مدد لاءِ اڳيان اچڻو پوندو اسان جي ڀرپاسي ۾ موجود ڪجهه ملڪن ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي مدد ڪئي اسان سندن ٿورائتا آهيون شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي اسان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر قدم کڻڻا پوندا شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس علاقائي مسئلن جي حل لاءِ بهترين فورم آهي ان ۾ نون ملڪن جي شموليت تي کين مبارڪباد ڏيان ٿو هن چيو ته پاڪستان جو امن افغانستان ۾ امن سان جڙيل آهي خطي ۾ امن امان جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن کي ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي خوشحال ترقي يافته ۽ تعليم يافته افغانستان خطي جي سمورن ملڪن جي لاءِ اهم آهي وزيراعطم چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ۽ امن جي ضمانت آهي افغانستان کي نظر انداز ڪرڻ وڏي غلطي هوندي افغان حڪومت عوام ۽ اقليتن جي بنيادي حقن جو احترام ڪري افغانستان ۾ عورتن جي حقن جو خيال رکيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو