86

پنجاب حڪومت ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 10-10 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پنجاب حڪومت ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 10-10 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پنجاب جي وزير ميان اسلم اقبال صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته گهرن جي مرمت لاءِ هڪ کان 2 لک روپيه ڏنا پيا وڃن ۽ جن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن انهن کي به معاوضو ڏنو پيو وڃي هن چيو ته سيٽلائيٽ جي مدد سان ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويل علائقن جون تصويرون ورتيون پيون وڃن ميان اسلم اقبال چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي بليڪ آئوٽ ڪندڙ پاڻ بليڪ آئوٽ ٿي رهيا آهن ملڪ ۾ استحڪام جي ضرورت آهي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ نيون چونڊون ضروري آهن هن چيو ته ماڻهو عمران خان تي ڀروسو ڪن ٿا ان لاءِ ان کي عطيو ڏئي رهيا آهن وفاقي حڪومت الزام لڳائي رهي آهي ته عمران خان ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن جو نٿي سوچي پر عمران خان جيڪڏهن ٽيلي تهون ڪري ٿو ته هي ماڻهو مسئلا پيدا ڪندا آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو