اسلام آباد : بجلي جي قيمتن ۾ 21 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي سي پي پي اي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي نيپرا ان درخواست جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ڪندو سي پي پي اي درخواست ۾ چيو آهي ته آگسٽ جي مهيني ۾ 13 ارب 63 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي بجلي جي گڏيل لاڳت 137 ارب روپيه رهي فرنس آئل مان 35 روپيه في يونٽ مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي ايل اين جي مان بجلي جي لاڳت 24 روپيه في يونٽ رهي سي پي پي اي چيو ته ايران مان 20 روپيه في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي ڪوئلي مان بجلي جي پيداواري لاڳت 20 روپيه في يونٽ رهي 27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي نذر ٿي وئي
