اسلام آباد: تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي عوام کي احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي فواد چوڌري چيو ته عوام آخري سڏ جو انتطار ڪري ملڪ چونڊن طرف ضرور ويندو تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي جنهن ۾ چونڊن جي معاملي تي عوام کي احتجاج جو سڏ ڏيڻ بابت معاملو بحث هيٺ آيو ذريعن موجب ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو ته تڪڙيون چونڊون ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهن ان لاءِ فوري طور تي چونڊن طرف وڃڻ گهرجي جيڪڏهن حڪومت چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته عوام کي احتجاج جو سڏ ڏينداسين اجلاس کان پوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڀني کان پهريان اسان ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين جو ذڪر ڪيو پنجاب ۽ ڪي پي گورنمنٽ ٻوڏ کي سٺي طريقي سان منهن ڏنو آهي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ثانيه نشر ۽ ٻين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڌاڙا لڳي رهيا آهن پاڪستان ۾ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن 10 لک ماڻهو ايندڙ مهيني بيروزگار ٿي ويندا پهريان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو ۽ هاڻ معاشي عدم استحڪام پيدا ڪيو پيو وڃي ناڻي واري وزير به سواءِ روئڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو فواد چوڌري چيو ته مذهب جي حوالي سان عمران خان خلاف جيڪا ڪيمپين هلائي وئي ان تي به قدم کڻڻ جون ڳالهيون ٿيون عالمن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا جنهن ان تي آواز اٿاريو اسان جي جيڪا ڪيمپين آهي اها عوام جي حوالي سان آهي سموري ملڪ ۾ اسان جي تنظيمن کي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي اهي مهانگائي جي خلاف احتجاج ڪندا هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته احتجاج جو آخري سڏ ڏينداسين ڪارڪنن آخري سڏ جو انتظار ڪن انشاءَالله ملڪ جلد چونڊن طرف ويندو پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي
