71

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اٽي جون قيمتون وڌي ويون شهري مهانگو اٽو وٺڻ تي مجبور بڻيل

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جون قيمتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويون آهن رپورٽ موجب اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي جنهن سبب هڪ نئون بحران ڪر کڻڻ لاءِ تيار آهي رپورٽ موجب پشاور ۾ اٽي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ في ڪلو اٽو 120 روپيه ٿي ويو جڏهن ته چڪي جو اتو 100 روپيه في ڪلو کان 110 روپين جو ٿي ويو ذريعن موجب 80 ڪلو اٽي جي ٻوري 8 هزار 8 سئو روپين مان وڌي 9 هزار روپين جي ٿي وئي آهي جڏهن ته 20 ڪلو اتي جو ٿيلهو 2300 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي اٽي جي ڊيلرز جو چوڻ آهي ته پنجاب مان ڪڻڪ نه پهتي ته بحران جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي صوبائي حڪومت کان پنجاب مان اتو گهرائڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪريون ٿا ٻئي طرف راولپنڊي ۾ به ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون ڪنٽرول مان نڪري ويون جتي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3000 روپيه مڻ جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ 3550 کان 3800 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي فلورملز اٽي جا پنهنجا هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي روزاني جي بنياد تي چڙهي رهيا آهن هول سيلرز جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ اسمگلنگ سبب وڌي رهيون آهن هوڏانهن پنجاب ۾ اٽي جي قيمت ۾ واڌ ۽ کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي قرارداد مسلم ليگ ن جي ميمبر سميرا ڪومل طرفان جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اٽي جي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ تي ڳڻتي جو اطهار ڪري ٿو قرارداد جي متن موجب پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اٽي جي قيمت 100 روپين کان مٿي ٿي چڪي آهي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سموري صوبي ۾ اٽي جو بحران روزاني شدت اختيار ڪري رهيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو