اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جا برطانيه جي دوري دوران مصروفيتن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن وزيراعظم دوري جي آخري ڏينهن برطانوي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران آچر جي ڏينهن اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف سان به ملاقات ڪندو نوازشريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات لاءِ 3 ڪلاڪ جو وقت طئي ڪيو ويو آهي پنهنجي برطانوي دوري دوران شهباز شريف آچر تي لنڊن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو جڏهن ته لنڊن ۾ ئي ان جون وڌيڪ ملاقاتون به طئي آهن شهباز شريف سومر جي ڏينهن برطانوي راڻي ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت کان پوءِ واپس ملڪ روانو ٿي ويندو
