اسلام آباد: 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن بابت فيصلو نه ٿي سگهيو ان حوالي سان اهم اعلان اڄ ڇنڇر 17 سيپٽمبر تي ٿيڻ جو امڪان آهي هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جو فيصلو نه ڪري سگهي ذريعن موجب غير يقيني واري صورتحال سبب پيٽرول پمپ مالڪن ڪاروبار محدود ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهه آئل مارڪيٽ ڪمپنين پيٽروليم شين جي سيل روڪي ڇڏي آهي ذريعن جو اهو به چيو آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون گهت نه ٿينديون، وڌيون يا برقرار رهنديون اهو معاملو اختلافن جو شڪار آهي اوگرا سمري ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهتتائي جي ڪابه تجويز پيش نه ڪئي آهي ذريعن موجب حڪومتي اتحادي پارتين به پيٽروليم شين ۾ ريليف جو مطالبو ڪيو پر ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ تي بضد آهي ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن بابت فيصلو وزيراعظم ڪندو ناڻي واري وزارت به پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ياد رهي ته وزيراعظم ازبڪستان جي دوري سبب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان نه ٿي سگهيو هو
