93

اَلو مِيان………..

ھڪ بد نيت دور اسان جي ڳاٽي ۾ اچي پيو آھي، جتي چھرن پٺيان چھرا اسان جي تقديرن ۽ تدبيرن جو واڳون ڇِڪي رھيا آھن ۽ اسان ڌرتيءَ تي گُونگَن جو ڪو نئون نسل هوندي، اِئين ھلي رھيا آھيون جو ڄڻ ته اھي چھرا اسان کي نيون زبانون ڏيئي، سيني ۾ سانڍيل صدين جون ريھُون، تاريخ جي چھري تي ڦھڪائي ڪڍڻ جو موقعو وٺي ڏيندا! عجب ستم ظريفي آھي اسان ماڻھن سان جو پَنھنجَن ۽ پراون ۾ فرق ڪرڻ لاءِ اسان جون اکيون چُلھِ ڪيون ويون آھن ۽ اسان جيڪي ھلي رھيا آھيون ھُجومن ۾، تِن کي اھا ڪل ئي ناھي ته ڪير پنھنجو ۽ ڪير پرائو!. تڏهن ته اڄ به روڊن ڪناري هر ويندڙ وڏي گاڏيءَ کي گهوُري ڏسون ٿا ۽ اها تمنا ڪريون ٿا ته من ڪو ڀوتار اسان لاءِ امداد جي گاڏي ڪاهي آيو هجي!
برساتن ۾ هٿرادو نموني ٻوڙائڻ کي ته ٻه مهينا به نه ٿيا آهن پر انهن ڀوتارن جي حڪمراني هيٺ اسان جيڪي صدين کان سَوين بيمارين جي بار ھيٺ، سَھڪندي جيِ رھيا آھيون، اُنھن کي اڄ تائين ڪو اھڙو ويڄُ نه مليو جو اسان جي گُھٽيل، چيِڀاٽيل ۽ سَنگسار ڪيل ريھُن جو درمان ٿئي! ۽ جي ڪو مليو ته وري اسان سچ جي سوُنھن کان نابين بڻيل ۽ بي اعتباريءَ جي گھوڙي تي سوار ھوندي، سچ کي سمجھڻ وارن سمورن حواسن کي گَھرِي ننڊ سُمھاريندا رھياسين، نتيجي ۾ وقت اسان سان ويڌن ڪندي ڪندي اڄ ان ماڳ تي اچي پھچايو آھي جو اسان فنا ٿيڻ جي آخري سرحد تي اچي پھتا آھيون ۽ جڏھن پوئتي لوڻو ھڻون ٿا ته چَپي چپي تي اسان جي ذلتن جا لاش ڌَپ ڪري رھيا آھن ۽ تاريخ جون ڳِجھون اسان جي بي سمجھ لاشن مٿان لامارا ڏيئي رھيون آھن. تاريخ جي رهزني ته ڏسو جو جيڪا نياڻي پنهنجي سئوٽ کان به پردو ڪندي هئي، اها اچي روڊ ڪناري ڀت جي گراه لاءِ قطار ۾ بيٺي آهي، بک جي بي رحم رش ۾ سندس حجابن جي شهادت ٿي وئي آهي، پوڙهي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ ڀت جي پليٽ سندس زندگيءَ جو نصب العين بڻجي پيو آهي. اها نياڻي جيڪا مڱيندي کي ڏسندي ئي سندس سمورو وجود ويڙھجي، حجابن جي حدن مان ئي نڪري ويندو هيو، ان نياڻيءَ کي بک جي قطار ۾ بيٺي ڪنهن جو ڪلهو لڳي ٿو ته ڪنهن جي ٺونٺ! هوءَ انهن ڳالهين کان بي نياز ڀت واري بي رحم قطار ۾ جست جي ٿالهي هٿ ۾ جهليو بيٺي آهي، سندس ماءُ مومل جيڪا منجهند واري ننڊ پينگهي ۾ ڪندي هئي، سا پلاسٽڪ جي پَنِيُن سان ٺاهيل ان جهوپڙيءَ ۾ روڊ ڪناري ويٺي آهي جنهن جهوپڙيءَ جي ڪَليءَ کي تيزيءَ سان گذرندڙ گاڏيون بار بار ڪيرائي وجھن ٿيون. ڀَت جي قطار کُٽي ئي نه ٿي ۽ پلاسٽڪ جي ڪِليءَ سان ٺاهيل جهوپڙي جا جڏا ڪِلا ڪرندا ۽ وري ماسي مريم جي جهور هٿن سان اُڀا ٿيندا رهن ٿا. تيرهن مهينن جو ساجن جنهن کي لاڏَ مان مٺو سڏيندا هيا ان جو پيءُ ته لڙهي ويو پر ننڍڙو مٺو اڌ اُس ۽ اڌ نه جهڙي تَتَل ڇانوَ ۾ ريهون ڪندو رهي ٿو، مٺو کي کٽ جي پاڳي سان ٻڌل لوڏ ۾ ئي ننڍ ايندي هئي، اها لوڏ ڇا پر کٽ ئي لوڙهي وئي، رڳي کٽ نه لُڙهي پر معصوم مٺوءَ کي مليل لولڙيون به لڙهي ويون ۽ لڙهي ويو اهو پينگهو جنهن ۾ چاچو آچر منجهند جي ماني کائي گهڙي کن اَهليِ پوندو هيو ۽ رَسِي پڪڙي ڀَت جي گراه لاءِ قھري قطار ۾ بيٺل صدوري کيس لوڏو ڏئي ننڊ ڪرائيندي هئي. چاچي آچر جي اها ننڊ لوڙهي وئي آهي ۽ لوڙهيون ويون اهي سڀ لولِڙيوُن جن جي مِٺَن سُرن تي معصوم مٺو اگھور ننڊ ۾ هليو ويندو هيو ۽ صدوري وڃي ڦَريو هٿ ۾ کڻي اڱڻ ٻهاريندي هئي. اهو ڦريو ته لُڙهي ويو پر اڱڻ جو عالم پناہ به برسات جو پاڻي ٻوڙي ويو، ڀَلي اوڏَ کان ٺهرايل اوڏڪو صفحو، ائين ڪٽ ڏنل پاڻيءَ لوڙهيو جو ڄڻ ته ٺهيو ئي ڪونه هيو! مريم جيڪي صدوري جي ڏاج لاءِ ٽُڪَ جون رِلِيوُن ۽ ڀرٿ واريون چادرون سنهيء سُئيءَ سان سالن کان سيبو ڪري جوڙيون هيون اهي به لڙهي ويون! سڀ ڪجھ لڙهيو، ارمان لُڙهيا، اميدون لُڙهيون، آسرا لُڙهيا ۽ احساس به لوڙهيا ويا.
برسات لاءِ سدائين سِڪندڙ سنڌ اهو ڪڏهن سوچيو هيو ته برسات جو به ڀوتار سياسي واپار ڪندا! ۽ ائين ئي ٿيو، بندن کي ڪٽ لڳا، ڀوتارن پنهنجا فصل بچائڻ لاءِ هزارين ڳوٺ ائين ٻوڙائي ڇڏيا جو ڄڻ ته اهي ڳوٺ ڪنهن جنگ ۾ سندن هٿان فتح ڪيل هئا. جنگ جا به مهذب دنيا ۾ اصول هوندا آهن پر هتان جي ڀوتارڪي جهان پنهنجي ڀيانڪ ۽ ناجائز خواهشن لاءِ بارش جي رحمت کي به هڪ ظالماڻي جنگ بڻائي، سنڌ ٻوڙي، لکين انسانن کي روڊن جي ڪنارن تي فقير بڻائي اچي ويهاريو آهي. الاءِ سنڌ ڏانهن انهن ڀوتارن جو ڪهڙو پلاند رهيل هيو ؟

ائين به ناھي ته اسان جي عظتن جي ڪا به تاريخ نه آھي، اسان وڙھيا آھيون، ڦَٽيا آھيون ۽ لَھو لَھان ٿي، چِنگھندي ۽ ڪُرڪندي پنھنجي چھري تان رتُ اگھيو اٿئون ۽ وري پوءِ وڙھيا آھيون، پر سدائين الاءِ ڇو ائين ٿيو آھي جو منزل کان ٿورو اورتي، اسان جي سالارن بنھ سستي اگھ تي اسانجي رت ۽ لاشن کي وڪيو آھي. ڀلي ڪوئي مڃي يا نه پر اسان احتجاجن کان وٺي احساسن تائين ۽ اسان جي عشق کان وٺي اذيتن تائين ھر تڙپَ، تانگھَ، تحرير ۽ تحريڪ جي بنھ سستي اگھ واري پِڙي لڳي آھي. هاڻوڪي برسات انهن مان تمام وڏي پڙي آهي. جي ڀلا ائين ناھي ته پوءِ اڄ تائين اسان جي مھذب مزاحمتن جا نتيجا ڇو نه مليا آھن؟ جي ڪو دل ۾ ڪري ته ڀلي پر سنڌ کي اھو سوچڻ جو حق ملڻ کپي ته آخر ھن ديس جو درد ايترو سستو ڇو ٿي ويو آھي ۽ ھن ديس جا سالارَ ايترا امير ڪيئن بڻيا آھن!؟ پر ھن ديس کي سوچڻ جو حق مليو ئي ڪٿي آھي!! جي سوچڻ جو حق ھن معصوم ديس کي ملي ھا ته اڄ اسان جي اذيتن جا چِڪنا چُورُ ٿيل وجود ڪنھن عظيم طاقت ۾ تبديل ٿي، ھڪ اھڙي سماج جي اڏاوت ڪن ھا جتي ڪنھن معصوم ٻار جي مُرڪن جو موت نه اچي ھا، ڪا نياڻي سنڱ چٽيءَ طور سڄي حياتيءَ جون ذلتون نه ڀوڳي ھا، نوجوانَ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پنھنجن مڙني محبتن سميت خودڪُشيون نه ڪن ھا ۽ ڪا به ماءُ پنھنجي ٻار کي پريس ڪلب اڳيان کڻي اچي پنھنجي مامتا، جگر جي ٽُڪري لاءِ ڪيل اوجاڳن ۽ اڌَ رات جو “بسم الله چوانءِ” جي وڪڻڻ جا ڳوڙھن سان وھنجاريل ھوڪا نه ڏئي ھا!!.
اڄ جڏھن جديد دنيا ڪنھن جانور جي بيمار ٿيڻ تي پريشان ٿي وڃي ٿي ، تڏھن ڇا تاريخ ھن ديس کي ڪچيءَ گار جھڙي ميار نه ڏيئي رھي آھي ته ھن ديس جون ڪيئي عورتون روزانه ويم دوران زندگيءَ تان ھٿ ڌوئي ويھن ٿيون، ھن شاھوڪار ڌرتيءَ جا ھزارين ٻار روزانه معصوم ھٿن ۾ ڪتاب کڻڻ بجاءِ، اُھي ئي معصوم ھٿ پنڻ لاءِ ڦھلائين ٿا ۽ ڳوٺن جون اذيتون ته اڃان به وڍ وجھن ٿيون، جتي ڀوتارڪي باھ سڀ ڪجھ ساڙي بسم ڪري ڇڏيو آھي، اتي رهيو کُهيو الائي ڇا جو پلاند به ڀوتارن هن برسات ۾ سنڌ کان ورتو آهي. اڳ ڀلا گهٽِ ڪئي هئائون ڇا!؟ ڳوٺ جتي حُسن لِڪي ساھ کڻندو هيو ۽ بانبڙا ڏيندڙ نياڻي جوان ٿيڻ کان ڊڄندي هئي ، جتي ٻارڙا ڀوتار جي گاڏي پويان ڊوڙڻ واري مزي وٺڻ واري حسرت جو قتل ٿيندي ڏسندا هئا ۽ آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ بنگلي تي ڀوتار کان سواءِ سڀئي پوڙھا پَڪا پَٽَ تي ويٺل هوندا هئا، تڏھن 21 صدي اسان تي چَٿَرُن سان گڏ حيرتزده به ٿيندي هئي ۽ اِن صديءَ کي اِھو ارمان به ٿئي ٿو ته ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ھڪ اھڙو به ديس آھي، جتي حُسن قيدي ھوندي وحشتن جو شڪار آھي، جتي جيئڻ جي پل پل جي خيرات گھُري وڃي ٿي ۽ جتي ماڻھو ۽ جانور ساڳي ڳالھ آھن، بلڪه ڪن معاملن ۾ ڪُتا لينڊ ڪُروزرن ۾ گُھمن ٿا ۽ انسانن لاءِ ڀَڳل ٽُٽَل بَسوُن ۽ سوزوڪيون به ميسر نه آھن!. ٻيو ته ٺهيو پر آفتن جي دور ۾ به روڊن تي رلندڙ ماڻهن جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو.
21 صدي حيران ٿئي به ڇو نه!؟ وسيلن سان مالا مال ھن ڌرتيءَ جا 70 سيڪڙو ماڻھو اڳئي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ھجن، اسڪول ته ھجن پر پڙھائي سَنگسار ٿيندي ھجي، اسپتالون ته ھجن پر اُتي زندگي بجاءِ موت آجيان ڪندو ھجي، سيڪيورٽي ادارا ته ھجن پر امن جو ٽُڪر ٽڪر ٿيل لاش وکريو پيو ھجي ۽ انصاف لاءِ وار اڇا ٿي ويندا ھجن ۽ جتي قيد خانه اصلاح بجاءِ ڏوھن ڪرڻ جا گُر سيکاريندا ھجن، اُتي 21 صديءَ کي حيران ٿيڻ جو پورو پورو حَق آهي. ذلتن سان اسان کي پيار ٿي ويو آھي ۽ وحشتن اڳيان اسان پنھنجو پاڻ کي کاڄ بڻائي اُڇلي ڇڏيو آھي. تبديلي ڄڻ ته اسان لاءِ ڪچي گار مثل ٿي پئي آھي ۽ اسان تاريخ جون ذلتون ۽ گاريوُن سَھندي سھندي ھاڻ غلاميءَ جا ھيروئني عادي بڻجي چڪا آھيون شايد!
ھن قوم کي ڪجھ اِئين بڻايو ويو هيو ، جيئن ڪو قيدي پھريون دفعو زِندانَ ۾ ويندي گھٻرائيندو آھي ۽ نيٺ قيد جو عادي بڻجي ويندو آھي ۽ وڏي خوشيءَ سان عمر قيد جي سزا ڀوڳيندو رھندو آھي. مٿان وري رھزني اھا جو اڄ تائين اسان جي اميدن جي شھيد ڪيل سَلن جو ڪو داد فرياد ئي نه ٿيو آھي. برسات کان پوءِ رُليِ ويل سنڌ هاڻ ڪجھ ٻي طرح سوچڻ شروع ڪيو آهي، شادي لارج جي ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت کان ويندي سنڌ جي چپي چپي تي وزيرن ۽ ڪامورن جي رستا روڪ اها يقين جهڙي اميد پيدا ڪري وڌي آهي ته ھي قوم ھاڻ سڀ ڪنھن جي ميار لاھي، ھڪ اھڙو خواب ڏسي رھي آھي جنھن جي ساڀيان اڳيان ڪو به بند ٻڌي نه سگھبو.
ھا اھو سچ آھي ته قومون بزدل ۽ بھادر نه ٿينديون آھن جو فلاسافرن چواڻي ته قومون پنھنجي ارتقا جي تڪميل ڏانھن سفر ڪندي، لاڳيتين عادتن کان بيزار ٿي، ڪڏھن ڀڙڪو ڏيئي اٿنديون آھن، تڏھن پنھنجي تذليل جي پَل پل جو حساب وٺنديون آھن. اھو سچ انھيءَ ڪري به آھي جو دنيا جي نقشي تي اڄ جون جديد ترين قومون، پنھنجي ماضيءَ ۾ سنڌي قوم کان به وڌيڪ ذلتن جا بار کڻنديون رھيون آھن، پر اڄ اھي انساني آزادين، وقار، جياپي ۽ ترقيءَ جي عظيم اَلَم سان دنيا جي سرواڻي ڪري رھيون آھن. تنھنڪري سنڌي قوم جي مايوسي ۽ غلاميءَ سان پيار ڪرڻ واري عادت کي بھر حال اھو سمجھي وٺڻ گھرجي ته ڏاھپ جي دنيا ۾ شيون سدائين ساڳيون نه رھنديون آھن ۽ مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرنديون رھنديون آھن انڪري سنڌ جي سوُنھن، سچائي، مھانتا ۽ معتبر تاريخ کي سدائين لاءِ قيدي بنائي رکجي، اھو بھرحال ممڪن نه آھي ۽ اھو ڪيئن ممڪن آھي ته چند ڪردارن جي ڪري ڪا قوم ئي فنا ٿي وڃي؟ اھا ڳالھ ان ڪري به سچ باسي ٿي جو اڄوڪي دور ۾ ڀوتارن جي بنگلن ۾ جو راڪاس گُھميو آھي سو ڀلي کڻي ٻيو ڪجھ نه ڪري پر ھڪڙي ڳالھ ته ھن معصوم قوم کي سمجھ ۾ ايندي ته “اسان جا اڳواڻ سياسي ايمان کان خالي ھوندي اسان جي رت تي محل اڏيندا رھيا آھن”.
اڄ جو زبانن سچ چوڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ اکيون حقيقت جي راھ پسڻ کان اوجھَل آھن ۽ سوچڻ، سمجھڻ ۽ ڪرڻ واري صحرا تي ڪا ڪَڪري نه پئي وسي، مزاحمتون ۽ معرڪا جي سُتل آھن، حسن ۽ عاشقي جا ھيسيل آھي، سالار ۽ سپاھي جي اگھوُر ننڊ ۾ آھن ته ان جو مقصد ڇو وٺجي ته سنڌ سدائين ائين صحرائن ۾ اڃ وِگھي مرندي رھندي؟ ھي ته وقت جو وير آھي، جو اسان جي سوچن ۽ سمجھ تي سوار آھي پر جڏھن اسان ڏنگي گھوڙي وانگر ان ويري وقت کي ڪيرائي وڌو ته پوءِ سنڌ اھا ساڳي نه رھندي، جا اڄ پَسجي رھي آھي ۽ بدلجي ويندو گھڻو ڪجھ جنھن ۾ ڪا نياڻي جوان ٿيڻ کان نه ڊڄندي ۽ ڪو اھڙو بنگلو ئي نه رھندو جتي علي بخش ۽ منٺار ڀوتار اڳيان پَٽ تي ويھندا.
ھا اھا رڳي ڳالھ ۽ روايت نه آھي ته “ مايوسي ڪفر آھي”، پر اھو تاريخ جو ڪڙو سچ آھي ته مايوسين ڪڏھن به معصوم ٻار جي مُرڪن کي ناھي موٽايو نه ئي مايوسي ڪڏھن حُسن جي حفاظت ڪئي آھي نه ڪو مايوسين قومن کي تقديرُن ۽ عظمتن جي بلندين تي پھچايو آھي، انھيءَ ڪري سنڌي قوم کي موھن جي دڙي جي اسٽوپا جي عَظمتن، مڪليءَ جي مھانتا ۽ ڪارُونجھر جي اوچاين جي حفاظت لاءِ مايوسين جي اَجھاڳ ڪُنَ مان نڪرڻو پوندو ۽ ھيءَ قوم انھيءَ پاتال مان ضرور نڪرندي جو سندس تاريخ دنيا جي ڪيترن قومن کان وڌيڪ شاندار رھي آھي.
۽ اھو ممڪن ئي ناھي جو ھيءَ قوم مڪليءَ جي لاشن کي چوري ٿيڻ ڏئي ۽ موھن جي اسٽوپا کي ڪوئي ڪلھي تي کڻي چورائي وڃي ۽ پوءِ به ھيءَ قوم خاموش ويٺي ھجي. بھرحال ھن تصوفي قوم جو وجدان دنيا ڏسي چڪي آھي۽ تاريخ کي به پتو آھي ته ھن قوم وٽ جيتري برداشت آھي ان کان وڌيڪ مزاحمت…. سو ھي قوم جنھن وٽ امن جي طاقت جا انبار آھن ان قوم جي امن جي طاقت کي وقت جا ويري ڏسيو ويٺا آھن ۽ ان امن جي طاقت کي شھيد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا رھيا آھن پر کين ڇا ڦَٻيو آھي؟ سواءِ ان جي ته اسان پنھنجن جھولين ۾ امن جي سفيرن جا لاش کڻي وري امن جي نئين پنڌ جا راھي ٿيا آھيون ۽ اسان جو اھو سفر ايستائين جاري رھندو جيستائين ڀٽ جي تنبوري جي تارُن کي ڪا معني نه ٿي ملي ۽ اسان کي پڪ آھي ته ڀٽ تي لاڳيتا الو ميان جا آواز ڪير به فنا نه ٿو ڪري سگھي ۽ ھڪ ڏينھن ان الو ميان جي مامَ دنيا کي سمجھ ۾ اچي ويندي ۽ سنڌ کي اھا به پڪ آھي ته دنيا جڏھن پنھنجن وحشتن جي انتھائن جو مئل لاش ڏسندي تڏھن خود الو ميان بڻجي سنڌ جي سرواڻ ھجڻ جو اعلان ڪندي. هي هٿرادو آفت جنھن ۾ سڀ ڪجھ ٻوڙايو ويو آهي، اهو سنڌ جي آخري امتحان وانگر باسي ٿو ۽ روڊن تي ذلتن هيٺ رلندڙ قوم جنهن نموني سان ڀوتارڪي جهان جي رستا روڪ ڪري رهي آهي ته يقين رکڻ کپي ته اهي ننڍڙيون مزاحمتون پڪ سان هڪ وڏي انقلاب جي ابتدا آهي جيڪو اوس اچڻو آهي ۽ بس! هاڻ گهڻو ٿيو، ٻڏي ويل سنڌ ترندي ۽ پنهنجو اهو ساڳيو عروج پسندي جنهن ۾ هتان جا لوڪ ٻيڙن وسيلي سڄي دنيا سان واپار ڪندا ھئا. ھنن برساتن هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کي شايد هي عظيم موقعو ڏنو آهي ته هو روڊن ڪناري پنهنجي بقا جي آخري جنگ وڙهن….

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو