نيويارڪ : نيويارڪ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان ملاقات ٿي جنهن ۾ عورتن جي حقن ۽ ڇوڪرين جي تعليم بابت ڳالهيون ڪيون ويون پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته منهنجي ۽ ملالا يوسفزئي جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ عورتن جي حقن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون بلاول چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي جي چيلنجز تي به ڳالهيون ڪيون ويون ملاقات دوران بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ سبب هزارين اسڪول تباهه ٿي ويا آهن جنهن سبب لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي
