71

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه پاران حاضري کان معافي جي درخواست داخل

اسلام آباد : آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ريفرنسز ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي حاضري کان معافي جي درخواست احتساب عدالت ۾ داخل ڪئي وئي آهي احتساب عدالت لاهور ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي ملڪن جي دوري تي آهي ان لاءِ هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز جي طبيعت خراب آهي جنهن سبب هو اڄ پيش نٿو ٿي سگهي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي اڄ جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو