84

اسحاق ڊار اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد: (اربع: 21 سيپٽمبر 2022ع) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي.
اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار طرفان درخواستون واپس وٺڻ کان پوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ اسحاق ڊار کي اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏيڻ جو عدالتي فيصلو برقرار آهي.
ياد رهي ته اثاثن واري ريفرنس ۾ لاڳيتو غير حاضري تي عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏنو هو. اسحاق ڊار عدالتي فيصلي کي کي سپريم ڪورت ۾ چئلينج ڪيو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو