اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله هيومن ٽريفيڪنگ سيمينار کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته رياست جي گادي واري شهر تي چڙهائي جي لاءِ جيڪي صوبا لانگ مارچ جي مدد ڪندا ان خلاف ڪارروائي جو اختيار آئين وفاقي حڪومت کي ڏئي ٿو وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ظاهر ٿي چڪو آهي هن غيرقانوني حرڪت ڪئي آهي اهڙو نافرمان پٽ هجي ته ماءُ پيءُ به ان سان پيار ناهن ڪندا هي انسان پوري قوم ۽ نوجوان نسل کي بدتميزي سيکاري رهيو آهي عمران خان 26 ڪروڙ ماڻهن سان فراڊ ڪيو هن سون جا قلم چوري ڪيا شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جي اڪائونٽن جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي ته ان ۾ به عمران خان جي چوري پڪڙي ويندي
راڻا ثنا5الله چيو ته عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي جيڪا ثابت ٿي چڪي آهي هاڻ عمران خان معافي گهرندو ته اها توهين عدالت ختم نه ٿيندي جيڪي صوبا عمران خان جي لانگ مارچ جي مدد ڪندا اهي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندا اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت آئين موجب قدم کڻندي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اسان مسلمان اڳ ئي آهيون عالم سڳورا ان ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ته ٽرائي جينڊر بابت اسان جو مذهب ڇا ٿو چوي جيڪو دين چوي ٿو ته ان موجب پنهنجي زندگين کي گذارڻ گهرجي ان کان سواءِ زندگي گذارينداسين ته ڪٿي جا به نه رهنداسين هن چيو ته عمران خان سان گڏ ويهي به نٿا سگهون جنهن هن ماڻهو جي حمايت ڪئي اهي به اڄ ڪنن کي هٿ لڳائي رهيا آهن عمران خان جي شر کان ڪوبه محفوظ نه آهي قوم اڃان به نه سمجهي ته پوءِ اسان جو حال به اهڙي قوم جو هوندو جنهن 50 سال غلامي ۾ گذاريا آهن
