81

عمران خان : مٿان سڀاڻي عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي سرڪلر جاري

اسلام آباد : عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي معاملي تي سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي جاري ڪيل سرڪلر موجب لارجر بينچ سڀاڻي 22 سيپٽمبر تي ڏينهن جو اڍائي وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو عدالت جي ڪمري نمبر 1 هڪ ۾ انٽري رجسٽرار آفيس جي جاري ڪيل پاس سان مشروط هوندي سرڪلر موجب عمران خان جي ليگل ٽيم جا 15 وڪيل عدالت جي ڪمري ۾ موجود هوندا ۽ اٽارني جنرل آفيس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 15 لا آفيسرن کي به عدالت جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت هوندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو