82

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي : قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جي سبب تي ڳالهائيندي چيو آهي ته شروع وارن 10 اوورر ۾ پاڪستاني ٽيم سٺي راند جو مظاهرو ڪيو پر بعد ۾ سٺي پارٽنر شپ نه ٿي سگهي جنهن سبب ٽيم وڏو اسڪور نه ڪري سگهي بابر اعظم چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ بيٽنگ آرڊرز جا مختلف طريقا آزمائي رهيا آهيون ٻئي طرف خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگر اسپينر عثمان قادر چيو ته پاڪستان جو اسڪور سٺو هو ان جو هنن کي دفاع ڪرڻ گهرجي ها پر پاڪستاني بالرز مڪمل پلان موجب بالنگ نه ڪري سگهيا عثمان قادر چيو ته انگلينڊ سٺي راند کيڏي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي اميد آهي ته پاڪستان غلطين مان سبق سکي ايندڙ ميچن ۾ سٺي پرفارم ڪندو ياد رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ ايلڪس بيلز جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو