74

مسلم ليگ ن شهباز گل کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو

لاهور : مسلم ليگ ن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا مشهود سميت ٻين اڳواڻن ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مٿان ڀارتي ڪمپني کي فنڊنگ ڏيڻ جي الزام ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي قانوني نوٽيس اماڻيو ويو آهي هن چيو ته اسان هنن جي هر ڪوڙ جو جواب ڏينداسين هنن کي عدالت ۾ آندو ويندو ڪوڙ جي بنياد تي ڏنل بيان به 62-63 جي زمري ۾ اچن ٿا راڻا مشهود چيو ته شهباز گل ۾ ٿورو به شرم هجي ته اسان جي قانوني نوٽيس جو جواب قوم جي سامهون رکي اسان توشه خانه ۽ پرڏيهي فنڊنگ جا ثبوت سامهون رکيا آهن هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڪوڙ جي بنياد تي هڪ بيان ٺاهيندو آهي 21 سالن ۾ قوم کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ سيکاريو آهي دشمني وارو ڪم تحريڪ انصاف ۽ سندس پوئلڳن ڪيو ن ليگي اڳواڻن عدالتن کي اپيل ڪئي ته هن ڪيسن جي سمري ترائل ڪندي فوري طور تي فيصلا ڏنا وڃن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو