94

بختاور ڀٽو ۽ عالمگير خان ٽوئٽر تي هڪ دفعو ٻيهر آمهون سامهون

ڪراچي : اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ عالمگير خان سوشل ميڊيا تي هڪ دفعو ٻيهر آمهون سامهون اچي ويا آهن عالمگير خان ٽوئٽر تي بختاور ڀٽو کي مخاطب ڪندي لکيو ته بختاور زرداري ڪٿي آهي جنهن ملڪ ۾ هلندڙ ٻوڏ صورتحال تي مون کي تنقيد جو نشانو بنايو هو هن چيو ته مان اهڙي صورتحال دوران سنڌ ۾ آهيان ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ پنهنجن سنڌي ڀائرن جي خدمت ڪري رهيو آهيان مون کي خبر آهي ته شهزادي بختاور پنهنجي ٻارن جي سالگره ۾ مصروف آهي بختاور ڀٽو عالمگير خان کي جواب ڏيندي چيو ته مان پنهنجي پٽ جي سالگره جو ڪيڪ ناهيان ڪٽي رهي پر پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي رهي آهيان هن وڌيڪ لکيو ته شڪر آهي ته مان الله جي سامهون جوابده آهيان جيڪو منهنجي اعمالن ۽ ڪردارن جو فيصلو ڪندو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو