سنڌ ۽ بلوچستان : جي ٻوڏ متاثرين جي پريشانين ۾ گهٽتائي اچڻ جي بجاءِ روزاني اضافو ٿيندو پيو وڃي متاثرين ۾ وبائي مرض تيزي سان وڌڻ لڳا اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار آهي بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد جا ٻوڏ متاثرين گيسٽرو ۽ مليريا سميت مختلف وبائي مرض جو شڪار ٿي رهيا آهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ روزاني 2000 کان وڌيڪ مريض اچي رهيا آهن پر ڪنهن کي ڊاڪٽر نه پيا ملن ته ڪو دوا جي لاءِ پريشان آهي جڏهن ته اسپتال ۾ مليريا جي ويڪسين به موجود نه آهي ٻئي طرف سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات جي پاڻي نيڪالي نه ٿيڻ سبب بيمارين ۾ تيزي اچي وئي آهي دادو ۾ گيسٽرو مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن سبب ضلعي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 23 ٿي ويو آهي دادو جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ مريضن جو انگ 8000 جي ويجهو رڪارڊ ڪيو ويو آهي دادو جي بچاءُ بند سپريو بند ۽ مين ناراويلي ڊرين تي لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن هوڏانهن ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو جوهي سان 42 ڏينهن کان پوءِ به زميني رابطو ڪاٽا آهي جڏهن ته خيرپورناٿن شاهه فريد آباد ۽ ڀان سيد آباد ۾ 21 ڏينهن کان پوءِ به بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي ڀان سيدآباد رنگ بند ايريا، گرڊ اسٽيشن مان پاڻي جي نيڪالي لاءِ هيوي مشينري پهچي وئي آهي جڏهن ته پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ انڊس لنڪ ڪئنال کي ٻيو ڪٽ به لڳايو ويو آهي
