95

عمران خان مٿان اڄ توهين عدالت ڪيس فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد : عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڍائي وڳي ٿيندي توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي بئنچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن عمران خان ذاتي حيثيت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ سامهون پيش ٿيندو عمران خان جي پيشي ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ داخلا صرف رجسٽرار آفيس جي جاري ڪيل پاس سان مشروط هوندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو