ڪراچي : پاڪستان ٽي وي انڊسٽري جو مشهور اداڪار فيروز خان پنهنجي گهر واري عليزي کان ڌار ٿي ويو آهي جنهن جي تصديق ٻنهي طرفان ڪئي وئي آهي عليزي سلطان ڌار ٿيڻ جي تصديق ڪندي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي بيان جاري ڪيو آهي ته اسان جي 4 سالا شادي ڪافي پريشانين جو شڪار رهي ان وقت دوران مان پنهنجي مڙس طرفان لاڳيتو ڪيل جسماني ۽ نفسياتي تشدد به برداشت ڪيو هن اهو به لکيو ته مون کي فيروز خان سان شادي کان پوءِ بيوفائي ۽ بليڪ ميلنگ کي به منهن ڏيڻو پيو گهڻو سوچڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتي آهيان ته مان سموري زندگي اهڙي خوفناڪ ماحول ۾ نٿي گذاري سگهان فيروز خان جي اڳوڻي گهر واري لکيو ته مان نٿي چاهيان ته منهنجا ٻار اهڙي تشدد واري ماحول ۾ پرورش حاصل ڪن منهنجي ٻارن جي ڀلائي لاءِ اهو فيصلو اهم هو مان پنهنجي ٻارن کي سيکاريندس ته ڪوبه زخم ايترو گهرو ناهي هوندو جو ڀرجي نه سگهي هوڏانهن فيروز خان ان بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته منهنجو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن سبب مان ان تي وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان پر ڪجهه ساٿي ادارن طرفان مون کي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته جيئن مان اسڪرين تي تشدد جا ڪردار ادا ڪندو آهيان ائين ئي اصل زندگي ۾ به آهيان ياد رهي ته فيروز خان ۽ عليزي سلطان جي شادي 2018 ۾ ٿي هئي جنهن مان ٻنهي کي 2 ٻار به آهن جڏهن ته ٻن سالن کان سندن ڌار ٿيڻ جون خبرون به سامهون اچي رهيون هيون
