ڪراچي : ۾ اسٽيڊيم روڊ تي ڊالميا ويجهو ڦورن پوليس آفيسر کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا
پوليس موجب ڊي ايس پي سعد جبار بئنڪ مان 8 لک روپيه ڪڍرائي نڪتو هو ڦورن ڊي ايس پي سعد جبار جو پيڇو ڪيو ۽ ڪجهه پري وڃڻ کان پوءِ کانئس پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا
پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري سي سي ٽي وي فوتيجز حاصل ڪري رهيا آهيون جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ انڊسٽريل ايريا ويجهو بئنڪ مان رقم ڪڍرائي گهر ويندڙ ٻن نوجوانن ڦر ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻن جوابدارن کي سندس ئي پستول سان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ٿو پر جهيڙي دوران ڪرندر پئسا ڪو ٻيو شخص کڻي فرار ٿي ويو
