76

شاهين آفريدي کان پوءِ بالرن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته بال ڪيئن سوئنگ ڪرڻي آهي محمد آصف

لاهور : قومي ٽيم جي اڳوڻي فاست بالر ۽ سوئنگ سبب دنيا ۾ سڃاڻپ ٺاهيندڙ محمد آصف انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستاني فاسٽ بالرز کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي نگلينڊ خلاف ٻئين ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي بالرن تمام گهڻو اسڪور ڏنو جنهن سبب کين تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي هاڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف به پاڪستاني بالرن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي محمد آصف ٽوئتر تي لکيو ته شاهين شاهه آفريدي کان پوءِ بالرن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته بال کي ڪيئن سوئنگ ڪرڻو آهي هن وڌيڪ لکيو ته ڪپتان جي لاءِ فيلڊنگ سيٽ ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي جڏهن ته انگلينڊ جي رانديگرن لاءِ وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کان کلي کيڏڻ آسان ٿي ويو آهي محمد آصف تجويز پيش ڪئي ته نئين بال سان اننگز جي شروعات ڪندڙ 2 اسپيشلسٽ بالرز ٽيم ۾ هجڻ گهرجن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو