اسلام آباد : سپرمي ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته جيڪي دهشتگرد سوات ۾ ٻارڙين جي اسڪولن تي حملو ڪندا آهن اسان انهن سان ڪنهن جي چوڻ تي ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون
انٽرنيشنل جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نبي پاڪ صه جي تعليم تي عمل نه ڪرڻ مسئلن جو سبب آهي، سوات ۾ ٻارڙين جي جنهن اسڪول تي حملو ٿيو اهو 5 سالن تائين بند رهيو ڪيترن ئي تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو ويو، غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل به اتان جو مسئلو آهي هن چيو ته اسان جو ايمان عورتن جي عزت جو درس ڏئي ٿو قرآن ۾ به عورت جي احترام جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسان دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته دهشتگردن سان ڳالهين جي اجازت ڪنهن ڏني اسان ان دهشهتگردن سان ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪنهن اجازت ڏني هن چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ جو هڪ وڏو حصو پاڻي هيٺ آيو آهي عالمي موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي دنيا طرف ڏسڻ جي بجاءِ پاڻ عملي قدم کڻڻا پوندا جسٽس فائز عيسي2 چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته ججن بيورو ڪريتس ۽ فوجي آفيسرن کي ڪارون ڏيڻ بند ڪن سرڪاري ناڻي ۾ غريب ته پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي پر اهو پنڌ هلندو آهي سائيڪل تي سفر ڪندو آهي اهي پئسا سائيڪل جي رستن، پنڌ هلڻ لاءِ رستن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪيو وڃي
