اسلام آباد : وزيراعطم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي اڳواڻن پاڪستان جي مدد جو يقين ڏياريو آهي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي سان اجلا سٿيو جنهن ۾ وزيراعظم لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ بحالي جي ڪمن جو به جائزو ورتو وزيراعطم شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سميت اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون جن کي حڪومت جي امدادي ڪارروائين ۽ بحالي جي ڪوششن جي باري ۾ آگاهه ڪيو وزيراعظم سعودي بادشاهه محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه جو به ذڪر ڪندي چيو ته عالمي اڳواڻن کي موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان تي پوندڙ اثرن ۽ پاڪستان جي نقطه نظر کان به آگاهه ڪيو آهي شهباز شريف چيو ته عالمي اڳواڻن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي همدردي ۽ تعزيت جو اطهار ڪندي پاڪستان جي مدد جو يقين ڏياريو آهي هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريتري جنرل ٻو متاثرن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو جڏهن ته بل گيٽس سان متاثرين جي ٻارن جي خوراڪ لاءِ ورلڊ فوڊ پروگرام مان مدد وٺڻ جي به ڳالهه ڪئي آهي وزيراعطم چيو ته عالمي برادري ۽ پاڪستاني ادارن جي ڪوششن سان اسان انشاءَالله هن مشڪل صورتحال مان نڪري ايندا نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي اختيارين بحالي وارن ڪمن جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي وڊيو لنڪ تي بريفنگ پڻ ڏني
