راولپنڊي : بلوچستان ۾ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ميجرز سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج جو هڪ هيليڪاپٽر بلوچستان جي علائقي برنائي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي هيليڪاپٽر حادثي ۾ 2 ميجرز سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر گذريل رات فلائنگ مشن دوران ڪري تباهه ٿيو حادثي دوران شهيد ٿيندڙن ۾ ميجر محمد منيب افضل ميجر خرم شهزاد نائيڪ جليل صوبيدار عبدالواحد سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب شامل آهن ميجر خرم شهزاد هيليڪاپٽر جو پائلٽ ۽ اٽڪ جو رهواسي هو ان جي وارثن هڪ ڌيءَ آهي ميجر محمد منيب افضل جو تعلق راولپنڊي سان آهي ۽ ان جا 2 پٽ آهن صوبيدار عبدالواحد جو تعلق ڪرڪ سان آهي ان جا 3 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي سپاهي محمد عمران جو تعلق خانيوال سان آهي 27 سالا سپاهي جون 2 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهي 30 سالا نائيڪ جليل جو تعلق کهاريان سان آهي ان جا 2 پٽ آهن جڏهن ته سپاهي شعيب جو تعلق جنڊ ضلعي اٽڪ سان آهي ان جو هڪ پٽ آهي
