ڪراچي: آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ بهتري جو سلسلو اڄ به جاري آهي انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر 3 روپيه 2 پئسا سستو ٿي 234 روپين جو ٿي ويو يا درهي ته ٻن ڏينهن دوران ڊالر 5 روپيه 71 پئسا سستو ٿي ويو آهي گذريل ڏينهن انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي اختتام تي ڊالر 2 روپيه 63 پئسا گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 237 روپيه 2 پئسا تي بند ٿيو هو اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 6 روپيه 90 پئسا گهٽ ٿي 237 روپيه 50 پئسا ٿي ويو هو
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به اڄ سرمائيڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 375 پوائنٽس اضافي سان 41 هزار 500 کان مٿي ٿي ويو
