ڪراچي : انڊونيشيا مان پاڪستاني ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سامان کڻي پهرين اڏام ڪراچي پهچي وئي آهي
رپورٽ موجب ڪيترن ئي ملڪن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کان پوءِ متاثرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي لاءِ امدادي سامان اماڻڻ جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ انڊونيشيا به پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي ڪوششن ۾ شامل ٿي ويو آهي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انڊونيشيا مان پهرين اڏام ڪراچي پهچڻ جي موقعي تي انڊونيشيا جي سفير ۽ قونصل جنرل جناح انٽرنيشنل تي امدادي جهاز کي خوش آمديد چيو هوڏانهن پرڏيهي وزارت جي اختيارين اين ڊي ايم اي جي نمائندن ۽ پاڪ فوج جي 5 ڪور جي آفيسرن امدادي اڏام جو استقبال ڪيو
