تهران : ايران ۾ پوليس حراست دوران ڇوڪريءَ جي موت کان پوءِ شروع ٿيندڙ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي پوليس پاران ڪيل ڪريڪ ڊائون ۽ پرتشدد واقعن ۾ فوتين جو انگ وڌي 75 ٿي ويو آهي پرڏيهي ميڊيا موجب حجاب جي معاملي تي گرفتار ڇوڪري جي حراست دوران ايران جي مختلف شهرن ۾ 10 ڏينهن کان احتجاج جاري آهي مظاهرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪريڪ ڊائون ۽ پرتشدد واقعن ۾ هينئر تائين 75 ڄڻا مارجي ويا آهن
سيڪيورٽي فورسز 17 صحافين سميت 1200 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ايران جي مختلف علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل آهي ايران جي حڪومت ملڪ جي گهرو معاملن ۾ مداخلت ۽ هڪ طرفي ڪوريج جي الزام تي برطانيه ۽ ناروي جي سفيرن کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پوليس وٽ گرفتاري دوران مهسا اميني 16 سيپٽمبر تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي مهسا اميني کي تهران ۾ حجاب نه پائڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو
