ڪراچي : پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبر عتيقه اوڍو پنهنجي سياسي مخالف مريم اورنگزيب جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي عتيقه اوڍو پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي مريم اورنگزيب جي وڊيو شيئر ڪئي ان سان گڏ هن لنڊن ۾ مريم اورنگزيب سان پيش ايندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي وڊيو جي ڪيپشن ۾ عتيقه اوڍو لکيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪنهن جي سياست کان متفق نه هجو پر اهڙي قسم جي حراسائي سڀني لاءِ قبول جوڳي نه آهي اهو قومي مسئلن جو حل ناهي هوندو
هن چيو ته جڏهن پرڏيهي پاڪستاني اهڙو رويو اختيار ڪندا آهن ته سموري دنيا ۾ پاڪستان جو تاثر خراب ٿيندو آهي هي مسئلن کي حل ڪڻ بجاءِ پاڻ مسئلي جو حصو بڻجي رهيا آهن عتيقه اوڍو وڌيڪ لکيو ته مان پنهنجن دوستن ۽ مداحن کي درخواست ڪريان ٿي ته خراب ۽ ٻاراڻي سلوڪ سان اوهان کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءَ مان خوش نه آهيون ته باوقار رهندي پنهنجي جذبن جو اظهار ووٽنگ سان ڪريو هن اهو به لکيو ته جذبات ثبوت يا صحيح ڄاڻ کان سواءِ اهڙو سلوڪ نٿو ڪري سگهجي هميشه حقيقت ۽ ثبوت رکو ان کان پوءِ قانون تي عمل ڪريو ٻئي صورت ۾ ياد رکو ته صحيح ڄاڻ کان سواءِ اوهان پاڪستان جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهيو عتيقه اوڍو پنهنجي پوسٽ ۾ مريم اورنگزيب کي به ٽيگ ڪيو آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ڏسي سگهجيو ٿي ته پرڏيهي پاڪستانين مقامي ڪيفي ۽ روڊ تي مريم اورنگزيب خلاف نعريبازي ڪري کيس حراسان ڪيو هو ۽ ان کان سوال جواب به ڪيا هئا
