اسلام آباد : وفاقي سرڪار گئس جي طلب هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌندڙ فرق کي نطر ۾ رکندي سياري جي موسم ۾ گئس جي بحران کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي رپورٽ موجب پيٽروليم بابت سيڪريٽري علي رضا بهٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پي اي سي کي پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گئس جي سپلائي ۾ قدرتي طور تي سخت کوٽ پيدا ٿي آهي ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا ڪيترن سالن کان هر سال 10 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي رهيا آهن جنهن سبب گئس سپلاءِ ۾ وڏو فرق پيدا ٿي رهيو آهي علي رضا اجلاس کي ٻڌايو ته يوڪرين ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ سموري دنيا ۾ گئس جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي مارڪيٽ جي حالتن کي ڏسندي اسان گئس نٿا خريد ڪري سگهون پر حڪومت ٻين ملڪن کان گئس حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي پيٽروليم واري سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم پنهنجي تازي دوري دوران قطر ۾ ان حوالي سان خاص ڳالهيون ڪيون جتي اضافي ڪارگو جي درخواست ايجنڊا ۾ شامل هئي هوڏانهن پاڪستان گئس جي فراهمي لاءِ آذربائيجان سان به ڳالهيون ڪري رهيو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻو گئس گهريلو صارفين استعمال ڪندا آهن جنهن تي حڪومت کي ڳري سبسڊي ڏني ويندي آهي
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي گئس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد گئس جي بلن جي وصولي ڪن ۽ جيڪي بل جمع نٿا ڪرائين انهن جا گئس ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا وڃن
