76

سکر : گهوٽڪي جي رونتي واري علائقي جي رهواسي پي ڌي جو احتجاج

سکر : رونتي جي رهواسي آمنه شيخ ۽ سندس پيءُ الله ڏتو سکر ۾ احتجاج ڪندي چيو ته آمنه جي مڙس چنيسر عرف چنو شيخ آمنه کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي ان باوجود اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هنن چيو ته هو اسان کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿو هنن الزام مڙهيو ته چنيسر عرف چنو شيخ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته آمنه کي طلاق ناهي ڏني ۽ هوءَ سندس زال آهي پر حقيقت ۾ هو آمنه شيخ کي طلاق ڏئي چڪو آهي جنهن جي لکت پڻ موجود آهي، آمنه شيخ چيو ته سندس چنيسر مونکي ڌمڪائي رهيو آهي ۽ هن مان مونکي هڪ نياڻي جو اولاد آهي جنهن کي نقصان پهخائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي آمنه شيخ اعلا اختيارين کان نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو