72

طالبان حڪومت روس کان تيل گئس ۽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو

ڪابل : طالبان حڪومت روس کان تيل گئس ۽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪري ورتيون آهن پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته روس افغانستان کي ساليانو 10 لک ٽن پيٽرول ۽ 10 لک ٽن ڊيزل ڏيندو افغانستان جي واپار واري وزير چيو ته معاهدو اڻڄاتل مدي تائين صحيح هلڻ کان پوءِ ڊگهي معاهدي ۾ تبديل ٿي ويندو ياد رهي ته طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغانستان جو اهو پهريون عالمي واپاري معاهدو آهي جڏهن ته روسي اختيارين طرفان افغان معاهدي تي اڃان تائين ڪوبه تبصرو ناهي ڪيو ويو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو