67

عمران خان آڊيو ليڪ ڪرڻ جو الزام شهباز شريف مٿان لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آڊيو ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي پنجاب هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آڊيو ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي رد عمل ڏيندي چيو ته سٺو ٿيو ته آڊيو ليڪ ٿي سائفر به ليڪ ٿيڻ گهرجي صحافي سوال ڪيو ته اوهان آڊيو ۾ چئي رهيا آهيو ته سائفر تي کيڏڻو آهي جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته اڃان ته مان ان تي صحيح کيڏيو ئي نه آهيان هاڻ جڏهن هي ايڪسپوز ڪندا ته اسان کيڏنداسين عمران خان چيو ته شهباز شريف ۽ ٻين اها آڊيو ليڪ ڪئي آهي مان چاهيان ٿو ته سائفر ليڪ ٿئي ته جيئن قوم کي خبر پئي ته ڪيتري وڏي سازش ٿي آهي ياد رهي ته آمريڪي سائفر جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سان مبينه آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو هاڻ اسان کي صرف کيڏڻو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو