82

ڊينگي جا وڌيڪ 436 نوان ڪيس رپورٽ بخار جون دوائون به مارڪيٽ مان غائب

لاهور : گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 436 ماڻهو متاثر ٿي ويا آهن
صحت کاتي جي ذريعن موجب ڊينگي سبب متاثر 254 جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن سبب اسپتالن ۾ رش وڌي ويو آهي پنجاب ۾ 373 ڄڻن مان ڊينگي سبب متاثر ٿيندڙن 192 جو تعلق لاهور ۽ 101 جو راولپنڊي سان آهي ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ 392 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان پشاور جا 175 مريض به شامل آهن جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 81 نون ماڻهن ۾ ڊينگي جي سڃاڻپ ٿي آهي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دوائن جي فراهمي ۽ قيمتون معمول تي نه اچي سگهيون آهن لاهور جي بازارن ۾ بخار جي دوا کان پوءِ ڪينسر ۽ ٻين ڪيترين ئي دوائن جي به کوٽ ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ بخار جسم ۾ سور ۽ مليريا سميت مختلف بيمارين جون دوائون به ناياب ٿي ويون آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو