67

اسلام آباد : آڊيو ليڪس جي معاملي تي وفاقي ڪابينه جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف آڊيو ليڪس جي معاملي تي وفاقي ڪابينه جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي وفاقي ڪابينه جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي ذريعن موجب اجلاس ۾ آڊيو ليڪس جو معاملو غور هيٺ ايندو ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آڊيو ليڪس جي معاملي تي جاچ جي لاءِ اعليٰ اختياري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي گهرو وزير راڻا ثناءُالله ان ڪميٽي جو سربراهه هوندو اجلاس ۾ صلاح مشوري کان پوءِ سائيبر سيڪيورٽي بابت ليگل فريم ورڪ جي تياري جو فيصلو ڪيو ويو هو وزيراعظم هائوس سميت ٻين اهم هنڌن عمارتن ۽ وزارتن جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو